حق مَهر

حـق مَهـر: حق مهر جي رسم جي پسمنظر تي نظر وجهجي ٿي ته معلوم ٿئي ٿو ته قديم وقت ۾ عربستان ۾ شاديءَ جي موقعي تي مڙس، زال جي پيءُ کي رقم ڏيندو هو، جنهن کان سواءِ شادي ٿي نه سگهندي هئي، ان رقم مان ڪجهه حصو ڪنوار کي به ملندو هو. اڳتي هلي اها رسم، مَهر جي صورت ۾، اسلامي روايتن جو حصو بڻجي وئي. عربستان جي سڪي موجب حق مهر جي رقم گهٽ ۾ گهٽ 10 درهم مقرر ڪئي وئي ۽ نڪاح جو لازمي حصو قرار ڏني وئي. ’صحيح بخاري‘ ۾ اچي ٿو ته، لوهه جي هڪ مُنڊي ڏيڻ سان به نڪاح ٿي سگهي ٿو. هڪ حديث موجب حضرت ابو طلحـٰه رضه اُمِ سليمَ کي نڪاح جو پيغام موڪليو ته اُن کيس اسلام قبولڻ لاءِ چيو، جنهن کي ئي هن حق مهر سڏيو. حق مهر جي ادائگيءَ بابت سورة نساءِ ۾ هدايت ٿيل آهي، ’مهر ۾ هڪٻئي جي رضامنديءَ سان گهٽ وڌائي ڪرڻ جائز آهي. حق مهر خوشيءَ سان ۽ لازمي طرح ڏيڻ گهرجي.‘
حق مهر جا ٻه قسم آهن: (1) ’مهر مسميٰ‘، جنهن ۾ رقم مقرر هوندي آهي، ۽ (2) ’مهر مِثل‘، جنهن موجب حيثيت آهر رقم مقرر ڪبي آهي، جنهن ۾ جاءِ، زمين وغيره ڏئي سگهجي ٿي، جيڪا زال جي ملڪيت ٿي ويندي.
حق مهر کي ٻن حصن ۾ ورڇي سگهجي ٿو: (الف) ’مهر معجل‘، جنهن جي ادائگي نڪاح وقت ڪئي وڃي، (ب) ’غير معجل‘، جنهن جي ادائگيءَ لاءِ محلت ڏني وڃي، اُن کي ’موجل‘ به چئبو آهي.
اسلامي نقطئه نگاهه کان حق مهر، زال جو مڙس تي قرض آهي. (حوالو ۽ اختصار: شاهڪار اسلامي انسائيڪلوپيڊيا)


هن صفحي کي شيئر ڪريو